Indus Vision

Indus Vision

Share

Indus Vision is created to Strive for social Causes, Our Aim is to raise voice against social injustice and work for the betterment of People.

This Page is created to Strive for Common Causes, Our Aim is to raise voice against social injustice and work for the betterment of People.

04/09/2023

ڪنڌڪوٽ جا مغوي بازياب ڪرايو: شازيا مري جون اڀ ڏاريندڙ دانهون

Photos from Indus Vision's post 02/09/2023

Pakistan reach Asia Cup 2023 Super 4s as rain washes out PAK vs IND clash

01/09/2023

پاکستان کی تاریخ میں پہلی مرتبہ پیٹرول کی قیمت 300 روپے سے بھی تجاوز کرگئی، حکمرانوں کچھ تو شرم کرو، اب غریب عوام کہاں جائے

13/07/2020

آؤ شاعری کی زبان میں مناتے ہیں
سوگ اپنی ادھوری تمناؤں کا!!

05/06/2020

سائين عطامحمد جي تدفين کان پوء اٿندڙ طوفان-بدتميزي
________________________________________________
۽ سائين تاج بلوچ جي تدفين کان اڳ اٿندڙ طوفان-بدتميزي



جيتوڻيڪ آئون اڃا سائين عطامحمدڀنڀري صاحب جهڙي تاريخ جي ديوقامت امر ڪردارَ جي وڇوڙي ۽ تاريخ جي سڀ کان وڏي احتجاجي تدفين تي سخت صدمي مان نڪري ناهيان سگهيو.

۽ ڪالھ جن به ماڻهن مونکي تدفين وقت ڏٺو هوندو تن کي اندازو هوندو ته مان ڪهڙي حال ۾ هيس!

۽ ڪيئن جُون جي سج ۾ ٽاڪ منجهند جو لڳ ڀڳ چار-پنج ڪلاڪ مسلسل ظالم نٽھڻ اس ۾ هزارين ماڻهن سان گڏ پگهر ۾ شل هيس ۽ ٻه ٽه ڀيرا ته بي حال ٿي ڪري به پيو هيس ۽ پٺيء ۾ هڪ وڏَي غدودَ ھئڻ سبب سخت تڪليف به هئي جنهن سبب تدفين وقت ويهي به رهيو هوس!

پر پوء به ڪالھ سائين عطامحمد ڀنڀري جي تدفين کان فورن پوء واري اٿندڙ هڪ طوفان-بدتميزي تي رات کان ئي هڪ عجيب تڪليف ۾ مبتلا هيس ته وري مٿان اڄ صبح جو ئي سائين تاج بلوچ جي وڇوڙي جي خبر ۽ ان جي تدفين کان اڳ ئي اٿندڙ هڪ طوفان-بدتميزي مزيد تڪليف ۾ اضافو ڪري ڇڏيو.

جنهن سبب سڄي سوشل ميڊيا جي Scenario اندر جيڪي بحث ڇڙي پيا آهن آئون ڇاهيندس ته انهن سڀني پهلوئن کي جامع انداز ۾ Address ڪريان.

پر پهرين هتي انهن پهلوئن کي ڪلاسيفاء ڪرڻ ضروري آهي: ته اهي آخر ڪهڙا ۽ ڪيترا بحث جا پهلو آهن جيڪي سوشل ميڊيا جي دنيا جا Talk of the town موضوع آهنٗ

1 سائين عطامحمد جي جنازي نه پڙهائڻ واري وصيت
2 سائين عطامحمد جي مُنهن ڀر تدفين تي جنوني جاهلن جو طوفان-بدتميزي
3 سائين عطامحمد جي قبر کي زنجيرَ لڳائڻ
4سائين عطامحمد جي تدفين ۾ قومپرست قيادت ۽ اديبن توڙي ادبي علمي ادارن پاران شرڪت نه ڪرڻ
5 سائين تاج بلوچ جي سائين عطامحمد سان ڀيٽ ڪرڻ
6 سائين تاج بلوچ جي تدفين کان اڳ عرفانه ملاح جو کڙو ڪيل طوفان-بدتميزي

لڳ ڀڳ هي 6 موضوع آهن جيڪي رات کان هن مهل تائين سوشل ميڊيا جا Hot issues آهن؛

1-سائين عطامحمدجي جنازي نماز نه پڙهائڻ واري وصيت
________________________________________________


جنازي نماز نه پڙهائڻ واري وصيت سان وري 2 مسئلا پيدا ٿيا-

1 ڪميونسٽ اٿيسٽ ڌر جو زور ته جنازي نماز نه ٿيڻ کپي
2مذهبي جنوني ڌر جو طوفان-بدتميزي ته سائين ڪافر هو

1- پهرين ڪميونسٽ اٿيسٽ ڌر جي زور وارو پهلو؛

هن پهرين اشو موجب ڪالھ جيئن ئي سائين عطامحمد جي جنازي نماز جي ڳالھ سامهون آئي ته سڀ کان پهرين ڪميونسٽ مٽيرلسٽ اٿيسٽ دوستن اهو اعتراض واريو ته جيئن ته سائين پنهنجي لکت توڙي وڊيو آڊيو وصت ۾ سختيء سان منع ڪئي آهي ته سندس جنازي نماز نه پڙهائي وڃي تنهنڪري نه پڙهائي وڃي.

۽ اهڙيون سوين فون ڪالون توڙي هزارين ميسج به مونڏي ٽيون ڏينهن يعني 3 جون کان ئي اچڻ شروع ٿي ويا هيا جن ۾ ڪجھ قومي اڳواڻ به هيا ته ڪي ترقي پسند فڪر رکندڙ ڏاها اديب ۽ ليکڪ به هيا ته ڪجھ سلجهيل قومي ڪارڪن ۽ سائين سان ويجها رهندڙ ماڻهو به هيا.

مون ذاتي طور تي انهن سڀني مذهب مخالف ڏاهن دوستن کي سمجهائڻ لاء هي دليل رکيو ته هڪ ته سائين جي جنازي نماز پڙهائڻ يا نه پڙهائڻ جو هن وقت اختيار سندس لائق پٽ سائين عبدالحق ۽ سندس پوري فيملي کي حاصل آهي ۽ اسان هن موقعي تي سائين جي فيملي سان ڪوبه ٽڪراءُ نٿا چاهيون جنهن سان هڪ نئون مسئلو پيدا ٿئي

۽ ٻيو ته اسان سنڌي ماڻهو مٽيرلسٽ اٿيسٽ هجڻ باوجود پنهنجي جوهر ۾ سيڪيولر آهيون جيئن خود سائين جي ايم سيد سيڪيولر هيو ۽ خود سائين جي ايم سيد جي تدفين وقت به نه صرف ڪنهن هڪ مذهب جي طور طريقن مطابق بلڪ هرهڪ مذهب جي هرهڪ فرقي موجب الڳ الڳ طريقن سان سائين جي ايم سيد جي جنازي نماز يا آخري رسمن جي ادائگي ٿي هئي ۽ مون ساجدسومرَي پڻ لڳ ڀڳ سڀني مذهبن ۽ مذهبي فرقن وارين سيد جي آخري رسمن ۾ شرڪت ۽ شموليت ڪئي هئي.

سو مون انهن سڀني دوستن کي اهوئي جواب ڏنو جيڪي به دوست جنازي نماز پڙهائڻ جا مخالف هيا پر ان باوجود مون سائين عطامحمد ڀنڀري جي لائق پٽ سائين عبدالحق سان تدفين کان گهڻو اڳ لڳ ڀڳ 12 وڳي صبح جو ئي اهو تفصيلي معاملو رکيو ۽ سائين عبدالحق به مون اڳيان اهوئي مؤقف ۽ فيصلو رکيو ته سائين اسان جنازي نماز پڙهائيندا سين باقي اوهان جيڪي به ۽ جيئن به رسمون ادا ڪيو اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو!

ان بعد سائين تاج جويو جي پهچڻ شرط مون ساڻس پڻ ان مسئلي تي صلاح مشورو ڪيو جنهن تي سائين تاج جويو به اهوئي چيو ته جنازي لاء جيئن سائين عبدالحق بهتر سمجهي باقي پاڻ بقايا سڀ رسمون ادا ڪندا سين!

سو آئون ذاتي طور تي به سائين عبدالحق جو شڪريو ادا ڪندي کيس سلام ٿو پيش ڪريان جنهن اسان سان آخر تائين يعني مُنهن ڀر تدفين ڪرڻ ۽ زنجير لڳائي تالا هڻڻ ۽ قومي سلامي تائين مڪمل ساٿ ڏنو!

تدفين جي سڀني رسمن ۽ قومي سلاميء تائين مڪمل طور تي سڀ رسمون پوريون ٿيڻ بعد جڏھن ڪچڙي شام ڌاران آئون انتهائي بُري حالت ۾ ٽيبليٽ وٺڻ ۽ لٽاڪپڙا چينج ڪرڻ لاء راڻي پور شهر ۾ هڪ جاء تي پهتس ته مون موبائل آن ڪيو ۽ سائين شبيرچانڊئي فون ڪري ٻڌايو ته سائين سوشل ميڊيا تي هڪ جنوني ڌر سائين ڀنڀري صاحب جي تدفين تي تنقيد پئي ڪري!

2 مذهبي جنوني ڌر جو طوفان-بدتميزي
________________________________________________

هن معاملي کي هن سڄي مضمون جي Nucleus point
طور مون هن پوسٽ تي هي وڊيو انهن مذهبي جنونين لاء رکيو آهي. جيڪي سائين عطامحمد تي تنقيد ٿا ڪن ته هن اسلام کي غلط ۽ انسان دشمن ڇو چيو؟
۽ جنازي نماز جو انڪار ڇو ڪيو؟؟
۽ لحدَ ۾ مُنهن ڀر پاڻ کي ڇو دفنايو؟؟؟

وغيره وغيره

هاڻ انهن جنونين لاء عرض اهو آھي ته هڪ ته هن وڊيو کي غور سان سمجهي مونکي جواب ڏين ته ڇا اسلام جا داعي مسلمانَ ئي اهو طريقو اپنائيندي هڪ مسلمان عورت کي ئي سنگسار ڪندي
سندس اڌ جسم کڏ ۾ وجهي يا پورَي
باقي اڌ مٿئين جسم جي حصي کي
جيئري پٿرن ۽ سِرن سان چيري ڦاڙي
سندس منهن سندس اکيون نڪ ڪن مٿو ڦاڙي رتورت ڪري
سندس جسم جو هڪ هڪ حصو ختم ڪندي
جيئري مارين ٿا يا اهي ڪي ڪافر ۽ غيرمسلم ٿا ايئن ڪن؟؟؟

ڪي انگريز
ڪي هندو
ڪي يهودي
ڪي پارسي
ڪي ٻڌَ
ڪي ڪرسچن
ڪي ڪميونسٽ
يا ڪي سِکَ ٿا ايئن ڪن؟؟؟

هڪ طرف اوهان جي عربن جو اسلام عملي طور تي ان طرح روز-اول کان انسان دشمن ۽ بلخصوص عورت دشمن رهيو آهي ته ٻئي طرف اوهان 400 ڪتاب ڏيندڙ هڪ صالح مفڪر کي ڪافر ٿا چئو

جنهن هزارين لکين ڪتاب پڙهي اهي 400 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڏنا
جنهن سڄي عمر انسان ۽ انساني تهذيبن متعلق عقلي سائنسي ۽ تاريخي ريسرچ ڪئي
سابه اينٿراپاليجيڪل Pitch تي
سا به يونيورسل اسڪيل تي…!

۽ ان عظيم مفڪر شخص کي اوهان مئي پڄاڻان به ايترو حق نٿا ڏيو ته هو پنهنجي مرضي موجب مري سگهي!

سو اوهان جي جنوني مذهبي نفسيات ۾َ عقل فهم ۽ دليل جي جڏھن ڪا معمولي گنجائش ئي ڪونهي ته اوهان آڏو دليلن رکڻ جو مقصد ئي ڪهڙو!

حالانڪ خود اوهان مسلمانن جي لکيل حديثن جي سڀني ڪتابن موجب اوهان جي 1500 سالن جي پوري اسلامي تاريخ سيڪس تي
عورت تي
مال ملڪيت تي ويڙھ جي تاريخ آهي
۽ پرائي ڌرتي ۽ وطنن تي حملن جي تاريخ آهي
رتو ڇاڻ جي تاريخ آهي.
ظلم ۽ قتل و غارت جي تاريخ آهي.

اوهان جا اسلامي سربراھ 100 - 100 شادين جا شوقين هيا -سڀ تلوار جي زور تي مظلوم قومن ۽ مظلوم وطنن تي حملا ڪندڙ هيا
خود سنڌ هند ۾ ابن قاسم کان هڪ هڪ ننڍي وڏي مسلمان قابض جابر حڪمرانن تائين
خلجي-بابر -نادرشاھ -چنگيزي-ٽيپوسلطان اڪبر بادشاھَ- جهانگير عالمگير- تائين
عربن کان ترڪن ايرانين افغانين ترخانن تاتارين
۽ مغلن تائين سڀ جو سڀ مسلمان رهزن ڦُورو لُٽيرا وحشي درندا ئي رهيا آهن جن وٽ ڪابه تهذيب ڪونه هئي. ڪابه انسانيت ڪونه هئي.

هنن جو ڪم ئي تلوار کڻي رت جا درياھَ وهائڻ هيو_

هن 2020 جي زماني تائين عرب مسلمان حڪمران اڄ به رمضان جي مهيني ۾ جوا کيڏي 6- 6 زالون داءُ ۾َ هارائن ٿا ۽ اڄ به درجن درجن زالون رکن ٿا . ته اندازو لڳايو ته هي 1500 سال اڳ ڇا رهيا هوندا؟؟

اهي عرب مسلمانَ
وحشي درندا مسلمانَ اوهان کي اسلام جي نالي ۾ هڪ اهڙو آفيم جو نشو ڏئي ويا جو اوهانکان پنهنجي موهن جي دڙي واري انسان دوست - ترقي پسند تاريخ ۽ تهذيب ئي وسري وئي…!

اوهان کان پنهنجن صوفين جي تعليم ئي وسري وئي
جا شاھ عنايت جهوڪ واري ۽ مخدوم بلاول کان شاھ لطيف ۽ سچل روحل بيدل بيڪس چيزل غمدل ۽ ٻڍل سائين تائين صوفياڻي سنڌ جي مذهبي جنون مخالف انسان دوست تعليم آهي.

اڄ اوهان جنوني مسلمانَ هڪ ڀيرو وري محمد بن قاسم ۽ خلجي جي گهوڙي جا سوار ٿي سنڌ جي ڏاهر ۽ دودن تي حملا آور ٿيا آهيو.

اوهانکي هي وڊيو ڏسي ٻڏي مرڻ گهرجي جو اوهان ان انسان دشمن عورت دشمن وحشي پڻي کي اسلام زنده باد چوڻ واراوحشي درندا وري سائين عطامحمد جي جنازي نماز نه پڙهائڻ واري وصيت تي غيرت ٿا ڏيکاريو…

۽ اوهان جهڙا مسلمان سائين عطامحمد جي منهن ڀر تدفين تي اعتراض ٿا اٿارن جن مسلمانن علي ۽ حسين کي قتل ڪيو ۽ اوهان ته اهي ئي يزيد ۽ محمدبن قاسم وارا مسلمان آهيو جن ڪربلا جي واقعي کان پوء حسين جي پونئرن کي پناھ ڏيندڙ راجا ڏاهر کي به بخش نه ڪيو. اوهان ڪهڙي اسلام جي ٿا ڳالھ ڪريو ؟؟

اوهان مسلمانن جي ته پوري 1500 ساله تاريخ رتو ڇاڻ جي تاريخ آهي. اوهان ٿا منهن ڀر ڌرتي سان ابدي چمي ڏئي سمهڻ تي اعتراض اٿاريو؟؟؟

اڄ به سڄي دنيا جي اندر وڌ ۾ وڌ منافقت ڪوڙ ٺڳي ملاوٽ خون جهيڙو وحشي پڻو شيطاني ڌنڌا جهالت عقل دشمني انسان دشمني ڪاروڪاري قتل وغارت مٽن مائٽن جا حق کائڻ يتيمن ۽ بيواهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ ۾ مسلمان سڀني کان اڳيان اڳيان آهي.

اوهان جا مدرسا معصوم ڇوڪرن جا چڪلا آهن
اوهان جون ڏاڙهيون ابوجهل جون ڏاڙهيون آهن
اوهان جا حج منافقي جا حج آهن
جيڪي 99 سيڪڙو حرام جي پئسن سان ادا ٿين ٿا.

اوهانجون مسجدون 99 سيڪڙو حرام ۽ ظلم جي پئسي مان ٺهن ٿيون.

اوهان جو نظام-معيشت خيراتن وارو نظام-معيشت آهي جتي 100 سيڪڙو واضحَ انداز ۾ طبقاتي اونچ نيچ کان ڪو ذرو برابر به انڪار ۽ احتجاج ڪونهي.

اوهان مسلمانن جون 4 - 4 شاديون سراسر عورت دشمني تي مبني آهن. ۽ هر مرد مردانه ڪمزوري جون دوائون کائيندڙ آهي.

اوهان جا جنت جا جهانسا به سيڪس تي مبني آهن ۽ اهو جنت جو سڄو سارو انعام صرف مردن لاء آهي جن کي 70-72 حوران ۽ هڪ غلمان ملندو جڏھن ته ساڳي جنت ۾ ساڳي مسلمان گهراڻي جي عابده ساجده زاهدا عورت لاء ڪي به 70-72 شهزادا ڪٿي نٿا ملن. ۽ وري اتي مرداڻي غيرت جو جنم ٿئي ٿو ۽ هن پوسٽ تي به ڪو نه ڪو مسلمان مونتي به اهو ساڳيو حملو ڪري چوندو ته تنهنجي زال کي ڀلا 70-72 شهزادا ڏجن ته تون برداشت ڪندين؟

ڇو ته اسلام بنيادي طور تي آهي ئي مردن جو مذهب جنهن جو خدا مذڪر. سڀ نبي مذڪر -سڀ جو سڀ ملائڪ مذڪر اصل ڳالھ ئي نه پڇو.

سو مسلماني غيرت موجب سيڪس جي مزي جو حق فقط مرد کي آهي عورت کي هرگز ناهي. ۽ هي هيڏو لکها سالن کان اربها کربها انسان جي دک درد ۽ ظلمن وارو هي جهان دراصل آهي ئي جنت جي 2 ڪمن لاء …

هڪ اتي حورن سان سيڪس ڪرڻ
۽ ٻيو کائڻ پيئڻ

ٽيون ڪو ڪم ڪير ثابت ڪري وڃي ته هي پروفيسرساجدسومرو علم ادب تان ئي دستبردار ٿي ويندو.

۽ ٽئين جنس وارا کدڙا فقير ته مورڳو هن جهان ۾ به اسلام جي مهربانين کان محروم ته جنت ۾ به هنن جو پيڪج گم سم - ڏوھ ويچارن جو اهو آ ته مرداڻو يا عورتاڻو خاص ڪم جو اوزار ڄمڻ مهل نٿا کڻي اچن انڪري ڪڏھن به ڪنهن مسلمان پنهنجي گهر ۾َ پيدا ٿيندڙ کدڙي فقيرکي نه پنهنجي گهر جي ڀاتين جي محبت ۾ حصو ڏنو آ نه ملڪيت ۾

بلڪ الٽو اهڙي فقير جي ڄمڻ شرط کيس رات جي انڌاري ۾ کدڙن فقيرن جي ٽولي جي حوالي ڪيو ويندو آهي.

۽ مون اڄ تائين زندگي ۾ ڪنهن مسلمان کدڙي فقير کي ناهي ڏٺو جيڪو پنهنجي ابي امان جي گهر ۾ جوان ٿيو هجي ۽ ان ئي گهر ۾ ان دم ڏنو هجي ۽ ان ئي گهر وارا سندس جنازي نماز ادا ڪندا هجن ۽ ان بعد شهر محلي ڳوٺ جي ماڻهن کان تعذيت وصول ڪندا هجن!

سو مسلمان رڳو هن وڊيو ۾ نظر ايندڙ مظلوم عورت کي اهڙي بيدردي سان قتل ڪري الله اڪبر جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ئي ھڻي سگهي ٿو.

رسول خدا جي جنازي ۾ پنج ست مسلمان مس شريڪ ٿيا هيا. ان مهل رسول خدا جو لاش ڇڏي ڪير خلافت جي جهيڙي ۾ مصروف هيو؟

اهي سڀ مسلمان سڳورا ئي هيا

ڪوفي جي ڳلين ۾ رسول علي ۡ۽ حسين جي گهر جي نياڻين جون لڄون لٽيندڙ ڪير هيا؟

اهي سڀ مسلمان عرب سڳورا ئي هيا…

سو مسلمان حڪمرانن جي وڏي اڪثريت ظالم سفاڪ ۽ وحشي رهي آهي.
تاريخ ان تلخ سڇ سان ڀري پئي آهي.

3 قبر مٿان احتجاجي زنجير لڳائڻ تي اعتراض
________________________________________________

هي اهي ئي مسلمانَ سائين عطامحمد جي قبر تي احتجاجي زنجير لڳائڻ تي اعتراض ٿا ڪن جن مسلمانن جي 1500 ساله تاريخ کان اڳ ۽ پوء پوري لکها سالن جي انساني تاريخ ۾ ڪو قبرن تي گل ۽ پَڙَ وجهي پيرپرستي جو تصور به نٿو ملي.

سائين عطامحمد جي قبر تي احتجاجي زنجير وجهڻ تي اهي مسلمان ٿا اعتراض ڪن جن جي 1500 ساله تاريخ موجب سندن ابا ڏاڏا قبرن مٿان پَڙَ وجهي انهن کان پٽ گهرندا رهيا آهن ۽ نه صرف گهرندا رهيا آهن بلڪ پٽ ڄمڻ تي نالا به هن قسم جا رکندا رهيا آهن ته

پير بخش
پير ڏنو
لعل ڏنو
غلام پير
غلام دستگير

وغيره وغيره

يار بار بار ذهن تي مسلم ليگ نون واري خواجه آصف جو جملو تري ٿو اچي ته

ڪوئي شرم هوتي هي
ڪوئي حيا هوتي هي

4 سائين عطامحمد جي تدفين ۾َ شرڪت نه ڪرڻ
________________________________________________

سائين عطامحمد ڪوبه عام.اديب دانشور يا ڏاهو ڪونه هو بلڪ هزارن سالن ۾ پيدا ٿيندڙ
ڪوئي ايڪسيپشنل ديوقامت عظيم ڪردار هيو

جنهن جي تدفين ۾ اصولن ته وزيراعلي سنڌ
۽ بلاول سميت
پيرپاڳاري سميت
سنڌ جي هڪ هڪ جماعت
قومپرست جماعت
علمي ادبي جماعت
سماجي ۽ سياسي جماعت جي هڪ هڪ اڳواڻ يا نمائندي کي شريڪ ٿيڻ کپي ها

سنڌ اسيمبلي جي سڀني ميمبرن
۽ قومي اسيمبلي جي سڀني سنڌي ميمبرن کي به شريڪ ٿيڻ کپي ها

پر افسوس جو هتي ته ڪو قومپرست اڳواڻ به تدفين ۾َشريڪ نه ٿيو سواء ٻن قومي اڳواڻن جي
هڪ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
ٻيو شبير جمالي

باقي ڪوبه قومپرست اڳواڻ تدفين ۾َنه پهتو حالانڪه تدفين کان لڳ ڀڳ 20 ڪلاڪ اڳ ۾ سائين جي لاڏاڻي جي خبر ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي چڪي هئي

۽ 20 ڪلاڪن ۾ ته پهچڻ لاء ماڻهو ست سمنڊ پار ڪنهن امريڪا ۽ آسٽريليا مان به پهچي ٿَي سگهيو.

سو نه صرف قومپرست اڳواڻن شرڪت نه ڪئي بلڪ سنڌ جي ڪنهن به علمي ادبي تنظيم يا سرڪاري غيرسرڪاري اداري توڙي اداري جي اڳواڻن به ڪا شرڪت نه ڪئي

۽ سنڌي ادبي سنگت ته صفا حد ڪري ڇڏي جو احمدسولنگي پنهنجي وال تان سائين تاج بلوچ لاء ته سوڳ جو اعلان ڪيو پر هڪ لک تاج بلوچن کان به مٿانهين ۽ مقدس شخصيت سائين ڀنڀري صاحب لاء احمدسولنگي ادبي سنگت جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ نه صرف شرڪت نه ڪئي بلڪ هڪ ٽڪي جي پوسٽ به نه هلائي ۽ ڪوبه سوڳ جو اعلان پنهنجي وال تان بنھ نه ڪيو.

جڏھن ته اهي سڀ سنڌ جا احمدسولنگي پارا اديبَ رات ڏينهن فيسبڪ تي سازشون ڪندي هزار پوسٽون ٿا رکن

۽ اهڙائي احمدسولنگي نفسيات وارا اديب شاعر سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ هر مشاعري ۽ هر ادبي ميلي ۾َاسٽيج تي ويھڻ لاء ۽ پنهنجو جڳاڙي غزل پڙهڻ لاء بيماري جي حالت ۾ به غير حاضري وارو ناغو ناهن وجهندا ۽ پاڻ کڻائي به پهچندا آهن.

5 سائين عطامحمد سان تاج بلوچ جي ڀيٽ جو سوال
________________________________________________

سائين عطامحمدڀنڀري جو هڪ ديش ڀڳت مفڪر وارو انتهائي سنجيده تاريخي مقام آهي جڏھن ته سائين تاج بلوچ جو اديب شاعر ۽ ادبي نقاد وارو مقام آهي

سائين عطامحمد اسانکي 400 کان وڌيڪ ڪتاب سي به سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي جوڙي ٺاهي ڏنا. جڏھن ته تاج بلوچ جا گهڻا ڪتاب ته شاعري جا ڪتابَ ئي آهن سندس هڪ اڌ ڪتاب تنقيد يا نثر ۾َشمار ٿئي ٿو!

۽ وڏي ڳالھ اها ته سائين تاج بلوچ سڄي عمر سرڪاري ماڻھو رهيو ايتري تائين جو هن آخري عمر ۾ لڳ ڀڳ 80 سالن جي عمر ۾ غالبن 2 سال اڳ صدارتي ايوارڊ به ورتو جنهن تي مون سائين تاج جي جيئري ئي تنقيدي مضمون به لکيو هيو.

پر سائين عطامحمد اهو انسان هيو جنهن سڄي عمر سرڪار سان بغاوت ۾ گذاري. ۽ جڏھن اڃا سائين جي ايم سيد سنڌوديش جو نعرو به نه ڏنو هو تڏھن غالبن 1964 ۾ ئي سائين عطامحمد تي بغاوت جو ڪيس به داخل ٿيو هو.

سو هن باغي روح ته صدارتي ايوارڊ کي به ٺڪرائي ڇڏيو هو. پر تاج ۽ امداد حسيني ٻنهي سرڪاري ماڻهن صدارتي ايوارڊ ورتا ۽ اهو سڀ ڪجھ دنيا ڏٺو. سو سائين ڀنڀري صاحب سان ته ڪنهن جي به ڪا ڀيٽ ممڪن ئي ناهي!

منهنجي نظر ۾ ته ڀنڀرو صاحب محمدابراهيم جويو صاحب جي بنسبت به گهڻو وڏو هو. علم ۾ به عمل ۾ به ۽ ڪمٽمنٽ ۾ به. ڇو ته جويو صاحب به ڪجھ نه ڪجھ شيخ اياز وانگي سرڪاري ماڻهو رهيو پر هي باغي هميشه باغي رهيو.
۽ وڏي ڳالھ ته ڀنڀري صاحب جو ڪم ڪوالٽي توڙي ڪوانٽٽي ۾ به سڀن تي ڀاري آهي.

سو سائين تاج بلوچ ته علم توڙي عمل ۾ انهن ماڻهن کان به گهڻو ننڍو آهي جيڪي خود سائين ڀنڀري صاحب کان پاڻ الائي ڪيترا ننڍا ماڻهو آهن

منهنجي نظر ۾ ڀنڀرو صاحب سيدثاني هو. جنهن جو سائين جي ايم سيد کان پو ڪوبه مٽ ثاني ڪونهي
آئون واضح لفظن ۾ چوان ٿو ته ڀنڀرو صاحب
سورهيه بادشاھ -شهيد الله بخش سومري۽ سائين جي ايم سيد کان پوء 20 توڙي 21 صدي جو سڀ کان وڏو ماڻهو هيو.

6 سائين تاج بلوچ جي تدفين کان اڳ ئي عرفانه ملاح
طرفان کڙو ڪيل طوفان-بدتميزي
________________________________________________

جيتوڻيڪ مون پاڻ نه صرف مٿي هن مضضمون اندر بلڪ اڳ به ڪيترائي ڀيرا سائين تاج بلوچ سان سندس جيئري ئي ڪيئي اختلاف رکيا ۽ اهڙا منهنجا سائين تاج بلوچ تي لکيل اختلافي مضمون دنيا پڙهيا به آهن.

جن ۾ 3 مضمون قابل -ذڪر آهن.
1 تاج بلوچ جو عورت اديبائن سان غلط ورتاءُ
2 بلوچ سڏائڻ وارو نفسياتي پهلو
3 صدارتي ايوارڊ وٺڻ وارو غلط عمل

پر اهي سڀ ڳالهيون سائين تاج جي جيئري ئي مون رکيون هيون جڏھن ته عرفانه ملاح ڪم-ظرفي ۽ بي ضميري جو مظاهرو ڪندي تاج سائين جي موت جي خبر ملندي ئي جيڪو طوفان-؛بدتميزي کڙو ڪيو آهي سو انساني قدرن ۽ تهذيب جي ئي خلاف آھي.

هڪ ته عرفانه پاڻ ڪا ليکڪا شاعره اديبا آهي ئي ڪونه!
بلڪ هڪ فيمينسٽ ايڪٽيوسٽ عورت آهي جنهن جو ڪم ايئن ئي فيسبڪ هلائڻ آهي جيئن ڪروڙين ماڻهو هلائن ٿا هن جا ڪي علمي ڪتاب آهن ئي ڪونه!

سو عرفانه عورت هجڻ جو غلط فائدو وٺي سنڌ يونيورسٽي جي اڌ-اکري پروفيسرن کي الائي ته ڪيئن هپناٽائز ڪري سنڌ يوني جي استاد تنظيم کي ايئن ئي هاجيڪ ڪيو آهي جيئن احمدسولنگي ادبي سنگت کي هاجيڪ ڪيو آهي.

آئون امرسنڌو کي به نه شاعر ٿو سمجهان ۽ نه دانشور بلڪ امر ته فلسفي جي پروفيسر هجڻ باوجود ڪو هڪ به فلسفي تي اصلوڪو پنهنجو تخليقي ڪتاب ئي ناهي ڏئي سگهي ۽ نه ئي وري سندس ڪي فلسفياڻا نوعيت جون تحريرون ۽ تقريرون ئي ڪو وجود رکن ٿيون!

بس سنڌ يوني جي بليڪ ميلنگ سياست مان هنن ٻنهي وڏو پئسو ٺاهيو آهي ٻيو هر سال اياز ميلي تي هي ٻئي مايون ان ادبي ميلي سان جهمريون هڻي پاڻ جيارن ٿيون. حالانڪ خود شيخ اياز تي هنن ٻنهي ماين جو نڪو ڪتاب آهي نه علمي مضمون!

پر پوبه سنڌ جي شهرت بکئي موالي شاعر کي ايازميلي ۾ شعر پڙهائڻ جي جهانسي عيوض ھي مايون شاعرن کي خريد ڪيون ويٺيون آھن

سو عرفانه وٽ اگر ڪي علمي فڪري نوعيت جا تاج بلوچ سان اختلاف هيا ته سندس زندگي ۾ ايئن ئي مضمونن يا ڪتابن جي صورت ۾ رکڻ کپن ها جيئن مون پليجي صاحب ۽ امرجليل امداد حسيني توڙي نورالهدي شاھ کان هڪ هڪ اديب ۽ سياستدان تائين سندن جيئري ئي وڏا علمي فڪري ۽ اصولي اختلاف رکيا آهن.

مئي پڄاڻان ڪنهن تي حملو ڪم ظرفي آهي

عرفانه ملاح کي ڪوبه سنڌ جو ماڻهو سچ نٿو چوي ته مائي هڪ ته تو وٽ ڪو علم ۽ عمل ڪونهي مٿان وري تنهنجي بدتهذيبي جي انتها جو هي عالم آهي جو اڃا سائين تاج دفن به ناهي ٿيو ته تو مٿس نفرت جا تير هلائي عجيب حملا شروع ڪري ڏنا آهن.

سو خدارا سنڌ جي انٽيلجنشيا کي
هن سڄي جهالت مان نڪري
ڪوڙي انا مان نڪري
ذاتي داخلي خلفشارن جي خ*ل مان نڪري
وڏو ٿيڻ گهرجي.

ڇو ته موت رڳو ڀنڀري صاحب ۽ تاج صاحب لاء ئي ڪونهي بلڪ موت ساجد لاء به آھي. عرفانه لاء به آهي ته امداد حسيني احمد - جامي ۽ انعام شيخ لاء به آهي اڪبر لغاري لاء به آهي امرجليل لاء به آهي. قادرمگسي لاء به آهي. ايازپليجي لاء به آهي. رياض چانڊئي لاء به آهي ته صنعان ميرعالم ۽ زرداري بلاول لاء به آهي ته پير سائين پاڳاري لاء به آهي.

سو خدارا خدارا سنڌ وطن لاء جيئو ۽ءمرو
سچ لاء جيئو ۽ مرو

هي مانجهاندي جو ماڳ ڏاڍو مختصر اٿوَ ٻيلي

پنهنجي ان ڌرتي کي بچايو
جيڪا پوري دنيا جي تهذيبن جي ماءُ آهي

۽ اها هاڻ وجود جي آخري پساهن ۾ آهي
ڪٿي ايئن نه ٿئي جو سڀاڻ اوهان اسان جي نسلن جو ڪو نالو نشان به باقي نه رهي…

۽ جي ڌرتي نٿي رهي ته پوء هي پارٽيون هي تنظيمون هي ملڪيتون هي ٺٺَ هي انائون هي فردي وجود به بي معني آهن.

الا ايئن مَ هوء جو ڪتابن ۾ پڙهجي
ته هئي سنڌ ۽ ڪا سنڌ وارن جي ٻولي…

ٿوري دير لاء هن موهن جي دڙي جي ماڻهوء جي قبر تي پيل زنجيرَ ته ڏسو.

ڇا اوهانجو هانءُ نه ٿو ڦاٽي؟

آئون سائين عطامحمد ڀنڀري جي هن عظيم جملي سان مضمون جي پڄاڻي ڪرڻ چاهيندس ته

“اگر ماڻهو مذهب کان سواء ڄمي سگهي ٿو
ته پوء مذهب کان سواء مري ڇو نه ٿو سگهي؟“

پروفيسرساجدسومرو

Photos from Indus Vision's post 04/06/2020

عطا محمد ڀنڀرو جي وصيت

منهنجي راءِ موجب مذهب ڪنهن به ماڻهوءَ جو نج ذاتي معاملو آهي جنهن ۾ ڪنهن به ٻئي ماڻھوءَ کي هروڀرو نه پوڻ گهرجي، اگر ڪنهن کي سزا ملي ٿي ته اسان يا توهان ان کي ڪو نه ٿا بچائي سگهون يا اگر ڪو بخشيو وڃي ته ﷲ سائين اسان کان ڪو نه پڇندو، هي معاملو رب ۽ ان جي بندي جي وچ جو آهي جنهن ۾ اسان جج يا وڪيل نه ٿيڻ گهرجي.

عطا محمد ڀنڀرو جي ڪيل هيءَ وصيت 2012 جي آهي جنهن کانپوءِ ڪافي شيون تبديل ٿيون آهن، 2015 ۾ سندس پٽ راجا ڏاهر شهيد ٿيو جنهن جي جنازي نماز هزارين ماڻهن پڙهي، 2019 ۾ سندس ٻيو پٽ غلام مصطفي دل جي دوري سبب فوت ٿيو جنهن جي به جنازي نماز سندس موجودگي ۾ پڙهي وئي، اگر ھو اهڙي حساب ڪتاب جو ماڻھو هجي هان ته پٽن جي نماز ئي نه پڙهڻ ڏئي هان.

دوستو انسان جن حالتن ۽ ڀوڳنائن مان گذرندو آهي پوءِ ڪي ئي حيران ڪن ڳالھيون ڪري ويندو آهي چاهي پوءِ هو اديب هجي شاعر هجي يا ڪو سياستدان، اهڙن ماڻهن هميشه مذهب کي ۽ سياست کي الڳ رکيو آهي جنهن کانپوءِ ئي سيڪيولر سوچ جو جنم ٿئي ٿو ۽ سيڪيولرزم جي وجود جو وڏو سبب ئي مذهبن جي غلط تشريح آهي.

اگر ڪو به ماڻهو ڪنهن مذهب باري ۾ ڪا غلط راءِ رکي ٿو ته انجا ذميوار به اسان پاڻ آهيون، جيڪي پھنجي عمل سان ڪنهن کي متاثر ڪرڻ ته ٺهيو الٽو بيزار ڪري چڪا آهيون، ائين ته هڪ وڏي بزرگ وليءَ به چيو آهي
"اهو تهنجو جي مذهب آ ته مان شيطان جي پاسي، ته پوءِ ڇا انهن مٿان ڪفر جا فتوا جاري ڪجن؟؟

عطا محمد صاحب جي باري ۾ غلط ڪمينٽس ڪرڻ وارن مان اڪثريت ساڻس ڪڏهن به ڪا نه ملي هوندي، مان ڀنڀري صاحب سان ڪافي ڀيرا ملاقات ڪئي آهي ۽ سندس فيملي جا ماڻهو سٺا دوست آهن.

هو هڪ سچو کرو ۽ حقيقتن کي تسليم ڪندڙ انتهائي سادو ماڻهو هيو، هن سان اگر توهان ملو هان ۽ پڇو هان ته يقينن هو رسول ﷲ کي دنيا جو عظيم انسان ۽ حضرت امام حسين جي قرباني کي دنيا جي سڀ کان عظيم قرباني تسليم ڪري هان، هن جي زال هن جي سامهون ئي نمازون پڙهندي ۽ قرآن شريف جو ورد ڪندي هئي پر کيس ڪڏهن به منع ڪو نه ڪيائين.

مان ان ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ته اڄ تائين عطا محمد صاحب کي قرآن شريف جون ڪيتريون ئي آيتون ترجمي سان ياد هيون جن کي هو اڪثر ڪوٽ ڪندو هيو، ان جي خاندان جا ماڻهو ۽ ويجها دوست ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته هو عمر جي هن حصي ۾ اڪثر ذڪر
ڪندو هيو.

عطا محمد ڀنڀرو جو مذهب جي باري ۾ نقطي نظر نج سياسي ۽ موجوده مروج مذهب جي باري ۾ هيو، باقي جيڪي ماڻهو ان سان مليا هوندا يا انجي ويجهو هوندا آهي عطا محمد صاحب کي چڱي ريت سڃاڻيندا هوندا

Photos from Indus Vision's post 03/06/2020

هڪ دور جي پڄاڻي

نالي وارو تاريخ دان، محقق ۽ سنڌ جو ارڏو عاشق سائين عطا محمد ڀنڀرو سنڌ کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو

سائين عطا محمد ڀنڀرو 90 سالن جي ڄمار ۾ پھنجي ڳوٺ هنگورجه لڳ بچل ڀنڀرو ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو

Photos from Indus Vision's post 20/01/2020

سيوهڻ جج زيادتي معاملو

ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ناري سان جنسي زيادتي جون شاهديون نه مليو آهن.
ميڊيڪل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ناري شادي شده آهي، تنهن ڪري پهرين به جنسي عمل ٿي چڪو آهي، شروعاتي طبي معائني ۾ ناريءَ سان زبردستي زيادتي جون شاهديون نه مليون، فارينزڪ ٽيسٽ لاءِ ناري جي ڪپڙن جا جُزا ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪلڻا پوندا، ڊي اين اي جي تصديق لاءِ نمونا ورتا ويا آهن ۽ جسم تي ڪٿي به رهنڊ توڙي ڌڪ جو نشان نه آهي.
اسپتال انتظاميان تصديق يا ترديد ليبارٽري ٽيسٽ سان مشروط ڪري ڇڏي.

Photos from Indus Vision's post 20/01/2020

ڪنڌڪوٽ:

ڳوٺ حسن گولاٽو ۾ جوابدار ڪارنهن جو الزام هڻي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب جوابدار عطو عرف سردار علي گولاٽو پھنجي ڀاءُ محمد حسن سان گڏجي پھنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڪي ٽي اين نيوز

19/01/2020

‏مرد ان عورت جي عشق مان ڪڏهن نٿو نڪري سگهي,جنهن کي هو حاصل ڪري نه سگهيو هجي.

18/01/2020

سيوهڻ:

ڇوڪري پاران سول جج تي زيادتي جو الزام، خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سول جج امتياز حسين ڀٽو کي معطل ڪري ڇڏيو.

Want your business to be the top-listed Gym/sports Facility in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address

Karachi