02/08/2026
منهنجا پيارا سنڌي ڀائرو، ڪراچي به اوهان جو آهي اسان به اوهان جا آهيون، پر هي وڏيرا نه اوهان جا آهن نه اسان جا آهن، هي انگريزن جا غلام اوهان تي پاڪستان کان اڳ جا مسلط آهن. پاڪستان اسان سڀني انڊيا جي مسلمان ڀائرن ملي ٺاهيو ۽ آزاد ڪرايو، جيڪڏهن هي صرف سنڌي قوم جو هجي ها ته سنڌ جي، خصوصاً ڪراچي جي، اڪثريت جيڪا هندو هئي ان کي انڊيا ڇو موڪلين ها؟ صوبا ٺهڻ سان سنڌ تقسيم نه ٿيندي، بس ڪرپشن گهٽجي ويندي. اڄ پوري سنڌ جو بجيٽ پي پي پي جا ڌاڙيل وڏيرا کائي وڃن ٿا، نه اهي ڪراچي لاءِ ڪجهه ڪن ٿا نه باقي سنڌ لاءِ. جڏهن الڳ يونٽس ٺهندا ته منهنجا ڀائرو سڀ کان وڌيڪ اوهان جو فائدو ٿيندو، جيڪي پئسا وڏيرا هڙپ ڪن ٿا انهن جو سڀني کي الڳ الڳ حساب ڏيڻو پوندو ڪير سٺو ڪم ڪري رهيو آهي ڪير برو صاف ظاهر هوندو. لاڙڪاڻو، دادو ڪراچي جهڙو ۽ ڪراچي دبئي جهڙو بڻجندو انشاءَالله. باقي جيترا به يونٽس بڻجي وڃن اوهان اسان جا ڀائر آهيو جيترو اسان جو ڪراچي آهي اوترو اوهان جو آهي. اوهان کي قوم پرستي ۾ الجھائڻ وڏيرن جي سازش آهي، اوهان انهن کان تعليم گهرو، پنهنجو حق گهرو، گورنمينٽ جابز گهرو، پر اوهان ماڻهو انهن جي ڄار ۾ ڦاسي وڃو ٿا، جيئن اهي چاهين ٿا تيئن ڪيو ٿا. سنڌ ڇا پورو پاڪستان هڪ آهي، پر يونٽس ۾ صرف عوام جو فائدو ۽ وڏيرن ڪرپٽ ڌاڙيل سياستدانن جو نقصان آهي.