Bisharat ali ujan
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Bisharat ali ujan, Sports, Hingorja, Sindh, Pakistan, Karachi.
13/05/2026
استاد بخاري
اڻ ڳڻ ڳڻتيون، سهسين سودا،
سُور بخاري ڪهڙا اوريان..
13/05/2026
اســتـــــــــــــاد بـــخــــــــــــاري
تـ ڇـــا،گمنـــــام ٿي وينداسين يَر آھستي آھستي،
خــــيال ـ خام ٿـــي وينداسين يَر آھستي آھستي،
پراون کي پناھون ڏيندي ڏيندي ڏينهن ھڪ ايندو،
اسين خـــد سام ٿي وينداسين يَر آھستي آھستي.
صورت تنهنجي ڏاڍي سُٺي آ محبت تنهنجي يار مٺي آ،
ماکيءَ ساڻ مکڻ، مونڏي نيڻ نه کڻ....
عرض ڪري استاد بخاري هي عشق نه آهي نيت نياري،
ڪنهنکي هيئن چوڻ، مونڏي نيڻ نه کڻ....
11/05/2026
..استاد بخاري
پيار، درياهه آ، درياهه به لَٽجي ٿو وڃي
نيٺ انسان آ، انسان به مَٽجي ٿو وڃي
مان مڃان ٿو ته سڀين پارين سڄڻ سون آهي
هي غضب ٿيو جو سچو سون به ڪَٽجي ٿو وڃي
بعضي بندوق شڪاريءَ جي ڇُٽي ٿي پٺتي
جو ڦَٽي ٿو ڪڏهن پاڻ به ڦَٽجي ٿو وڃي
حُسن آ باز، مگر عشق وڏي آفت آ
مون ڏٺو آ ته ڪڏهن باز به جهَٽجي ٿو وڃي
چند هَٽندي ئي وڏي ويرَ هٽي ويندي آ
گهُورَ گهٽجي ٿي ته ”استاد“ به گهٽجي ٿو وڃي
زر، مال، محل، باغات ڏٺي زردار دي بُک نهين لهندي
ڪئي نوڪر تي ڪئي جاگيران، سردار دي بُک نهين لهندي
استاد بخاري
استاد بخاري
جـــو تڙپي اُٿيو سو غريب آھيان ٖ
جــو جاڳي پيو سو نصيب آھيان ٖ
بهر حــــال يارو عجـــــيب آھيان --
اوھان جو ئي شاعر ٖ اديب آھيان .
ڪتاب پير نه ھَٽن پوئتي
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Hingorja, Sindh, Pakistan
Karachi